خليفو ميو فقير

خليفو ميو فقير: بزرگ ۽ درويش خليفو ميو فقير شيدي، 1838ع ڌاري هالن ۾ پيدا ٿيو. پهرين درگاهه مخدوم نوح سرور جي سجاده نشين مخدوم امين محمد ثالثرح ’پکن ڌڻيءَ‘ جي خدمت ۾ رهيو، خاص ۽ عام جي ملاقات ۽ حاضري ڪرائڻ جي ذميواري مٿس هئي. ’پکن ڌڻيءَ‘ کان پوءِ مخدوم
محمد زمان سرڪاررحه ۽ مخدوم ظهير الدينرح جي خدمت ۾ رهيو. سمورن سجاده نشينن جو مٿس راز ۽ اعتماد هو. خليفو ميو سندن خاص خدمتگار هو. پکن ڌڻي مخدوم امين محمد جي خدمت ۽ صحبت جو مٿس ايڏو اثر ٿيو، جو فقيري اختياري ڪيائين. وٽس پري پري جا ماڻهو روحاني فيض وٺڻ لاءِ ايندا هئا ۽ اڄ به هزارين عقيدتمند سندس مزار تي زيارت لاءِ ايندا آهن. هن درويش ۽ فقير، 100 ورهين جي ڄمار ۾ 1354هه/ 1935ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ خليفو ميو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو